فقير ڪورائي سمو

فقير ڪورائي سمو : هيءُ مست، مجذوب ۽ درويش، عمرڪوٽ ضلعي جي شهر صوفي فقير جو ويٺل هو. سندس زندگيءَ بابت مفصل احوال نه ٿو ملي سگهي. هيءُ محمد فقير کٽياڻ جو طالب هو. آخري عمر ۾ صوفي صادق فقير جي درگاهه تي گذاريندو هو. سندس سرائيڪي ڪافيءَ جو نمونو هيٺينءَ ريت آهي: ايسا گرو گڏياسين يار، ڪلمي ڪفر پڙهاوڻ والا، پارس پيالي پرت دي ڏيندا، لشڪر لحظي وچ لٽيندا، نينهن نسنگ نروار، نازڪ نر نچاوڻ والا، ٻهڳڻ ٻولي ٻي نا ٻولي، توڪل تند طلب دي چولي، سما سر سردار، هادي حق رساوڻ والا!


هن صفحي کي شيئر ڪريو